ڪراچي (م ڊ) اسرائيلي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستاني وفد اسرائيل جي دوري تي پهچي ويو، اسرائيلي نيوز چينل دعويٰ ڪندي چيو آهي ته هن وقت پاڪستاني وفد اسرائيل ۾ موجود آهي، وفد ۾ 9 ماڻهو شامل آهن، جن ۾ 4 پاڪستان ۾ رهندا آهن ۽ باقي پاڪستان ڄاوا آمريڪي ۽ برطانوي آهن، اسرائيلي نيوز چينل آءِ ٽوئنٽي فور نيوز اها به دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستاني وفد ۾ اڳوڻو مملڪتي وزير، ڪرڪيٽ بورڊ جو اڳوڻو چيئرمين نسيم اشرف به شامل آهي، جڏهن ته وفد ۾ هڪ صحافي به شامل آهي، جنهن سڃاڻپ ڳجهي رکي آهي. اسرائيلي ٽي وي دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستاني وفد جاگرافيائي سياست، مذهب، ثقافت ۽ ٽيڪنالاجي تي دورو ڪيو، وفد کي هلندڙ هفتي جي آخر ۾ اسرائيلي صدر سان به ملاقات ڪرڻي آهي. واضح رهي ته نسيم اشرف مشرف دور ۾ وزير ۽ پي سي بي جو چيئرمين رهيو آهي. جڏهن ته اسرائيلي ٽي وي چينل جي رپورٽ موجب انڊونيشيا جو هڪ سينيئر سرڪار عهديدار به اسرائيل جي دوري تي آيل آهي، ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپن جي بحالي لاءِ هلندڙ سال جي شروعات کان پرڏيهي وزارت جي سطح تي ڳجهيون ڳالهيون جاري هيون. گذريل سال آگسٽ ۾ به انڊونيشيا جي سيڙپڪارن، واپارين ۽ ٽيڪنالاجي جي ماهرن تي ٻڌل هڪ وفد اسرائيل جو دورو ڪيو هو. جڏهن ته اسرائيلي چينل جي اهڙي دعويٰ جي پاڪستان ۽ انڊونيشا پاران ترديد يا تصديق نه ڪئي وئي آهي.