ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثناءِ الله چيو آهي ته عمران خان جي پيرين پوڻ جي ڳالهه ڪرڻ وارا سمجهي ويا آهن ته هاڻي عمران خان کي ڄنگهن کان کڻي  پٽ سان هڻنداسين، عمران خان ۾ جرئت آهي ته ايڪس ۽ واءِ چوڻ بدران انهن جا سڌا نالا کڻي ڏيکاري، ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ جي حوالي سان حڪومت جي ڪيتري رٽ آهي، اها سڀني کي خبر آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڏوهاري آهي ته انهي خلاف ڪيس داخل ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، متحده جي کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي واپسي لاءِ ڪوشش ڪنداسين، ڪالهه وفاقي وزير راڻا ثناءَ الله ۽ اياز صادق ايم ڪيو ايم جي عارضي مرڪز بهادر آباد پهچي ايم ڪيو ايم جي ٽن ڪارڪنن جا لاش ملڻ تي  ايم ڪيو ايم قيادت سان تعزيت ۽ مبينا طور کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي وارثن سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايم ڪيو ايم قيادت ڪارڪنن جا لاش ملڻ تي ڏکاري هئي ، انهي ڪري وزيراعظم جي هدايتن تي هتي آيو آهيان، شهرين کي کنڀي گم ڪرڻ سان پاڪستان جي پوري دنيا ۾ بدنامي ٿئي ٿي،کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي واپسي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، هن چيو ته ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ جي حوالي سان حڪومتن جي ڪيتري رٽ آهي، اها سڀني کي خبر آهي آئون اڄ هتي اهڙي ڪا ڳالهه ڪرڻ نٿو چاهيان جيڪا کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي واپسي واري مقصد تي اثرانداز ٿئي، هن چيو ته سوات ۾ دهشتگردن جي ٻيهر اچڻ واري ڳالهه ۾ ڪا صداقت ناهي، ملڪ جي هٿياربند فوج ملڪي دفاع لاءِ سدائين اڳڀري رهي آهي، ان موقعي ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته اسان وزيراعظم آڏو اها ڳالهه رکي هئي ته اسان جي کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جا ا لاش ملن ٿا، اوهاڻ پاڻ اچي ڪارڪنن جي گهر ڀاتين جي حالت ڏسو، وفاقي وزير ان سلسلي ۾ هتي آيا، هنن  کنڀيلن جي گهر ڀاتين جي حالت پاڻ ڏٺي آهي ، هن چيو ته اسين کنڀي گم ڪرڻ واري عمل ۾ ملوث ماڻهن جي سزا جي ڪا ڳالهه نٿا ڪريون، رڳو گم ڪيل ڪارڪن واپس ڪرايا وڃن، اسان جي احتجاج کي دهشتگردي ۽ اعتراض کي غداري نه سمجهيو وڃي ، هن چيو ته کنڀڻ جو سلسلو بند ڪري انهي تي قانون سازي ڪئي وڃي، هوڏانهن ڪالهه وفاقي وزيرن آڏو کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي گهر ڀاتين اوڇنگارون ڏئي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، وفاقي وزير راڻا ثناءِ الله کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي واپسي جو يقين ڏياريو.