نوابشاهه(بيورو رپورٽ) پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاهه جي ملازمن اليڪشن نه ڪرائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي، ان موقعي تي سيد نجف شاهه، سجاد زرداري، سلطان رند، پرويز عباسي، نديم رند، محبوب مري ۽ ٻين چيو ته وائيس چانسلر ملازمن جي اليڪشن نٿو ڪرائي، جنھن سبب ملازمن جا ڪم رولڙي جو شڪار بڻيل آهن، ھنن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا وي سي کي اليڪشن ڪرائڻ جي درخواست ڏني آھي پر وي سي اسان جي ھڪ به نٿو ٻڌي، ھنن چيو ته يونين جي اليڪشن ۾ مداخلت ڪئي پئي وڃي، جيڪو انتھائي غلط عمل آھي، ھنن مطالبوڪيو ته فوري طور اليڪشن ڪرائي ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.