نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشھروفيروز پوليس کي باءِ پاس وٽان نوجوان ناري ھٿ آئي، جنهن پنھنجو نالو نجمه ۽ ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ٿاڻي جي حد جي رھواسڻ ٻڌايو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي ناري نجمه ٻڌايو ته کيس مھينو اڳ گل بھار نالي شخص اغوا ڪري ويو هو جنهن سان گڏ ٻيا ماڻھو به ھئا، جيڪي مختلف جڳھن تي رھائيندا ھئا ۽ سخت تشدد ڪري زيادتي جو نشانو بڻائيندا رهيا، هن ٻڌايو ته گذريل رات کيس بيھوش ڪري نوشھروفيروز شھر ٻاھران ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، پوليس موجب ناري جو دماغي توازن صحيح نٿو لڳي، پوليس ڄاڻايل ناري کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عورت جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو، ناري جي اسرار تي سندس چاچي مسمات زھرا حوالي ڪيو ويو، جيڪا کيس ڪراچي وٺي وئي.