ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ- گهوٽڪي پل جو ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي،  8 ڏينهن اڳ جاگيراڻي برادري سان تعلق رکندڙ ڏوهارين پل تي ڪم ڪندڙ ليبر تي فائرنگ ڪري ڀڄائي ڇڏيو هو،ڏوهارين پل جو ڪم ڪندڙ سچل ڪمپني کان هڪ ڪروڙ ڀتو گهريو هو، نه ڏيڻ تان ڪم 8 ڏينهن کان بند پيل آهي، ذريعن موجب ضلعي انتظاميا پل جو ڪم شروع ڪرائڻ  لاءِ ڏوهارين کي منٿ ميڙ قافلا اماڻڻ ۾ رڌل آهي. ياد رهي ته ڏوهارين پاران 8 ڏينهن کان ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل جو ڌرياءَ جي اندر هلندڙ ڪم بند ڪرائي ڇڏيو ۽ تعميراتي ڪم ڪندڙ سمورو عملو ڇڏي ڀڄي پڪي تي پهتو.