نواب شاهه (بيورو رپورٽ) نواب شاهه ايئر پورٽ جي ديوار جي ڀرسان مبينا پوليس مقابلو، ھٿياربندن ھٿان ايئرپورٽ ٿاڻي جو پوليس اھلڪار فھيم حيدر انڙ يرغمال سرڪاري ايس ايم جي رائيفل ڦر مبينا پوليس مقابلي بعد مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري طلب ڳوٺ فقير محمد لاکو ۾ مال جي ھڪ واڙي تي ڇاپو مبينا يرغمال بڻيل پوليس اھلڪار فھيم حيدر انڙ ھٿ ڪري پوليس ڦر ڪيل سرڪاري رائيفل به ھٿ ڪري ورتي پوليس مبينا ست ھٿياربندن قادر بخش عرف ڏاڏو لاکو، عابد لاکو، شاھد لاکو، آصف لاکو، ساجد لاکو، وقار ڀٽي ۽ محرم ملاح کي گرفتار ڪري ٽي ھينڊ گرينڊ، ٻه رپيٽر، چار پسٽل ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. گرفتار ڪيل مبينا ھٿياربندن مٿان ايس ايچ او اصغر اعواڻ جي فرياد تي 8 ڪيس داخل ڪيا ويا. جڏهن ته ايئر پورٽ پوليس جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو عدالت سڳوريءَ چوڏھن ڏينھن جو رمانڊ ڏئي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.