سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ شهر جَي ملاح پاڙي مان هڪ ڏينهن اڳ گم ٿي ويل معصوم ٻارڙي جو تشدد ٿيل لاش جوابدار سندس گهر اڳيان ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا وارثن اغوا بعد قتل جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو، نينگر جَي پيءُ الهداد ملاح چيو آهي ته سندس چئن سالن جو پٽ سراج ملاح گذريل ڏينهن راند ڪندي گم ٿي ويو هو، اڄ اڻڄاتل جوابدار سندس لاش گهر ٻاهران ڦٽو ڪري ويا آهن، معصوم جَي جسم تي تشدد جا نشان آهن، لڳي ٿو ته کيس اغوا بعد قتل ڪيو ويو آهي، جاچ ڪري جوابدارن کي جلد قانون جِي پڪڙ ۾ آندو وڃي. واضح رهي ته سڪرنڊ شھر جي محرابپور روڊ تي ملاح محلي مان چار سالن جو معصوم نينگر سراج ولد الھداد ملاح پنھنجي پاڙي ۾ راند ڪندي هڪ ڏينھن کان لاپتا هو، وارثن پاران سڪرنڊ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي هئي. سوشل ميڊيا تي خبرون هلڻ کان پوءِ ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي ۽ اي سي سڪرنڊ جي حڪم تي محرابپور روڊ تي حيدري مسجد واري علائقي ۾ امڪاني طور معصوم نينگر جي گٽر ۾ ڪرڻ جي خدشي سبب آسپاس پاس جي علائقن ۾ صفائي واري عملي پاران گٽرن ۾ به نينگر جي ڳولا پڻ جاري هئي.