ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪتن جو آزار ختم نه ٿيو، مختلف هنڌن تي وڌيڪ 13 ڄڻا ڏاڙهجي زخمي. خبر موجب ٽنڊو غلام علي ڀرسان ڳوٺ چاڪر بنگلو ۾ ڇتي ڪتي گھر ۾ داخل ٿي مينھن کي ڏاڙهي وڌو، ان موقعي تي نوجوان سردار علي لنڊ لٺ کڻي ڪتي کي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪتي نوجوان تي حملو ڪري کيس منھن ۽ جسم جي مختلف حصن ۾ چڪ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، شادي لارج ويجهو قبائلي چڪ ۾ رولو ڇتي ڪتي واٽهڙو ارجن ڪولهي ۽ ميرزادي کي ڏاڙهي وڌو، قمبر ۽ ڀرپاسي رولو ڪتن وڌيڪ 9 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏي. زخمين ۾ فاطمه، محمد قاسم، ذيشان، فائزه، معشوق، جميل، حسن علي، رضيا ۽ علي گوهر شامل آهن. نواب ولي محمد ويجهو ڳوٺ عمر راھو ۾ 9 سالن جي محمد زمان راهو کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. چيلھار ۾ ڪنڀر ڪالونيءَ ۾ مال جي واڙي تي ڪتن حملو ڪري پورھيت جو ڇيلو ڏاڙهي ماري ڇڏيو.