نوابشاهه (بيورو رپورٽ) شيعا علماءِ ڪائونسل ۽ مرڪزي ميلاد ڪاميٽي پاران سالانه جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم ۽ جشن امام جعفر صادق عليه السلام جو جلسو مرڪزي مرتضوي مسجد امام بارگاهه نواب شاهه ۾ منعقد ڪيو ويو، جشن صادقين کي شيعا اڳواڻن اسد رضا نعيمي، زوار محمد حسين چانڊيو، مولانا مشتاق مري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته رب العالمين ھي دنيا پاڻ سڳورن جي صدقي ۾ ٺاھي آھي.