شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ شھيد ڀٽو پاران سپاف (شھيد ڀٽو) جي مرڪزي اڳواڻ اسد علي عمراڻي جي چوٿين ورسي ملهائي وئي، تقريب ۾منير احمد بروھي،برڪت علي ميرجت،فقير حبيب پتوجو،استاد ذوالفقار مگسي، وزير علي کوسو،فيض مينگل، مشتاق بروھي،بلاول زھري،سڪندر علي سومرو ۽ مظھر کوسو ٻين شرڪت ڪئي،  ان موقعي تي  قرآن خواني ڪرائي   اجتماعي دعا پڻ گهري وئي، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته 5 سال گذرڻ باوجود اسد عمراڻي جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، جوابدار گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي.