مورو (ن پ ا) مورو ويجھو يوسي مناھي، يوسي ڪئنچي جاگير ۽ ٻين يونين ڪائونسلن مان  برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مير ٻرڙو، الھجڙيو مري، اخلاق ٻرڙو، عبدالله کوسو، نذير مري ۽ ٻين چيو ته پاڻي بيٺل هجڻ سبب اچ وڃ جا رستا ختم ٿي ويا آھن، جڏهن ته مختلف بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي، هنن چيو ته اسان شاخ ۾ پاڻي نيڪال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، هنن پاڻي نيڪال ڪرڻ جي گهر ڪئي.