نوابشاهه (بيورو رپورٽ) گذريل ڏينھن قومي ڪارڪن ذاڪر سھتو جي بازيابي لاءِ جسقم جساف، ساڃاھ وندن ۽ وارثن پاران مھراڻ ھاءِ وي تي احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو ھو، جتي مظاھرين ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿيون، ان ڏس ۾ بالو جا قبا ٿاڻي جي پوليس قومپرست اڳواڻ سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخليي، ذاڪر سھتو جي وارثن صابر سھتو، نذير سھتو، فريد سھتو، راجا سھتو خلاف روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪيو آھي، جنهن بعد ڄاڻايل ٻين اڳواڻن عدالت مان ضمانت ڪرائي ورتي آھي، جڏھن ته سرفراز ميمڻ ضمانت ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي، هوڏانهن ڪالهه به نوابشاهه ۾ ذاڪر سهتو جي آزادي لاءِ بُک ھڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن ۽ وارثن چيو ته ذاڪر سھتو کي اڃا تائي آزاد ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس الٽو احتجاج ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته قومي ڪارڪن کي آزاد ڪري داخل ڪيل ڪيس ختم ڪيو وڃي.