ڪنري (ن پ ا) ڪنري ۾ چار ڏينھن اڳ واپڊا عملدارن جي مبينا لاپرواھي سبب ٻن پورھيتن جي فوت ٿيڻ وارو مامرو، چئن ڏينهن بعد آخرڪار واپڊا جي ٽيم ايڪسيئين جي اڳواڻي ۾ متاثرن وٽ تڏي تي پھچي وئي، خبر موجب دڙيلو موري جي ڳوٺ پيارو خان چانڊيو ۾ واپڊا جي مبينا لاپرواھي سبب بجلي جي تارن ۾ وچڙي ٻن پورھيتن محمد اشرف چانڊيو ۽ عبدالطيف چانڊيو جي فوت ٿيڻ واري واقعي جي چئن ڏينهن بعد ايڪسيئين واپڊا اختيار ميمڻ، ايس ڊي او غلام عباس ۽ واپڊا ڊويزنل چيئرمين مير حسن قائمخاني وارثن وٽ تڏي تي پھتا. ان موقعي تي ٽيم واقعي بابت تفصيل ورتا ۽ واقعي واري ھنڌ جو معائنو پڻ ڪيو، ان موقعي تي ايڪسيئين واپڊا پورھيتن جي وارثن کي يقين ڏياريو ته واقعي جي رپورٽ ٺاھي اختيارين کي اماڻي ويندي، ملوث ماڻھن خلاف سخت ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪرڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي، هوڏانهن ڪيس ۾ نامزد ٽن جوابدارن ايس ڊي او نئون ڪوٽ فلڪ ناصر، لائين سپرنٽينڊنٽ منور احمد ۽ لائين مين اشرف رند کي پوليس اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جنهن ڪري وارثن ۾ سخت بيچيني ڦهليل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.