گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪي مان گم ٿي ويل نوجوان بلاول بٽ جو گهر ٻاهران صندوق مان لاش هٿ اچڻ وارو معاملو، مقتول بلاول جي والد جاويد بٽ پٽ جو قتل ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ گهوٽڪي جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. عدالت 17 سيپٽمبر تي پوليس کان جواب طلب ڪري ورتو.گهوٽڪي شهر جي ورڪشاپ ڪالوني جي رهواسي جاويد احمد بٽ پنهنجي وڪيل احمد علي گڏاڻي معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدار فضل پنجاپي، ايان علي، تيمور علي، منصور علي. حسن شاهه، انور شاهه، اعزاز شاهه، اسد شاهه گهر اندر داخل ٿي پٽ بلاول بٽ کي اغوا ڪري ويا. جوابدار هڪ هفتي بعد پٽ بلاول بٽ کي قتل ڪري لاش صندوق ۾ وجهي گهر ٻاهران اڇلائي فرار ٿي ويا. پوليس ميڊيڪل ليٽر ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان بعد ۾ هو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال کڻي ويا ته اسپتال جي ڊاڪٽرن پوليس جو ليٽر نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي موٽائي ڇڏيو. درخواستگذار عدالت سڳوري کي استدعا ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پٽ بلاول جي قتل ۾ ملوث جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت اهڙي داخل درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي گهوٽڪي پوليس کان 21 سيپٽمبر تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.