رپڙي (ن پ ا) بھارو پوليس قتل سميت 5 سنگين ڪيسن ۾ گهربل مک جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي ٻڌايو آهي ته گشت ۽ چڪاس دوران قتل سميت مختلف سنگين ڪيسن ۾ گهربل مک جوابدار مسرور عرف مسو مھيسر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته جوابدار مٿان بھارو ٿاڻي تي ڏوھ نمبر 69/2020 قلم 324،353، 398،401، جڏھن ته پيرجوڳوٺ ٿاڻي تي ڏوھ نمبر 66/2013 قلم 324، 354، پير جو ڳوٺ ٿاڻي تي ڏوھ نمبر 73 /2013 قلم نمبر 23/1، کان علاوه خيرپور بي سيڪشن ٿاڻي تي ڏوھ نمبر 123/2019 قلم نمبر 324،353، ٻيو ڪيس ڏوھ نمبر 124/2019 قلم 23/1 تحت مٿس ڪيس داخل ٿيل ھئا جن ۾ هو روپوش ھو، اڄ کيس گرفتار ڪري ورتو آهي،