نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه شھر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف جسقم پاران طارق سمون، علي رضا خاصخيلي، فرمان  ملاح، ھدايت الله تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، هنن چيو ته نواب شاهه انتظاميه پاران ڪروڙين روپيا خرچ ڪري سيف سٽي پلان لڳائڻ باوجود شھرين جون ملڪيتون ۽ جانيون محفوظ ناھن، ھنن چيو ته ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد مان ڏھن کان وڌيڪ شھرين جون موٽر سائيڪلون چورايون ويون آھن، ھنن مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي چوري ۽ ڦر ٿيل گاڏيون واپس ڪرايون وڃن.