نئون ديرو (ن پ ا) نئين ديري کان لاڙڪاڻي ويندڙ موٽرسائيڪل سوار غريب آباد محلي واسي مظهرالدين ميراڻي کي ميتلا لاڙي وٽ تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳڻ ڪري سخت زخمي  ٿي پيو، رستي ويندڙ ماڻهن زخمي کي کڻائي چانڊڪا اسپتال پهچايو. جتي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.نوجوان جو لاش وارث واپس نئون ديرو اسپتال کڻائي آيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد گهر کڻائي ويا.قمرالدين ميراڻي ٻڌايو ته ڀائٽيو پرائيويٽ سينٽر تي پڙهائيندو هو، ڊيوٽي تي وڃي رهيو هو ته رستي ۾ حادثو پيش آيو. هن پوليس جي اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته ٽڪر هڻندڙ ڪار ۽ ڊرائيور کي فوري گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪي وڃي.