ٺٽو ( رپورٽر ) سنڌي ٻولي جي يگاني ۽ البيلي شاعر حسن درس جي 11 ھين ورسي جي تقريب درس ھائوس جھمپير   ۾ منعقد ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي ان موقعي تي سنڌ سجاڳي فورم جي آرگنائيزر ڪاميٽي جي سارنگ جويو ، بشير ساگر خاصخيلي، امين آڪاش ميربحر، مسعود شاھ، اعزاز لغاري، راول رسول درس، ننگر درس، دائود ميربحر ۽ ٻين  خطاب ڪندي چيو ته شاعر حسن درس جو وڇوڙو سنڌي شاعري لاءِ ھڪ وڏو خال ڇڏي ويو آھي، ھن کي فطرت، ڍنڍ، پکين، ٻوٽن، پھاڙن، آبشارن، ندين، نالن، نئين، ٽھڪن، مرڪن، دوستن، سنڌ، لاڙ ۽ خاص سمنڊ سان سندس گھرو لڳاءُ ھو، پر شاعري تي سندس ڇاپ صدين تائين بہ باقي رھڻي آھي هنن چيو ته حسن درس سنڌ جو ھڪ اھڙو شاعر ھو، جنھن مان ڪيئي نوان سرجڻھار ھن کي ساري ٿڌا ساھ ڀريندا ۽ خودڪشي جي خيال کي ترڪ ڪندا رھندا. ھنن چيو تہ ھو نئين ٽھي لاءِ اتساھ ھو، ھو بيقراري ۾ بہ قرار ڳولھڻ وارو شھزادو شاعر ھو. ھنن چيو تہ شاعر حسن درس جي طرز بيان شعر جو سٽاء ان ۾ تشبيھون استعارا ۽ ترڪيبون کيس سنڌي شاعري ۾ الڳ مقام ڏيئي نشانبر ڪري بيھارين ٿا جڏهن ته سندس وڇوڙي جو خال سالن تائين ڀرجي نہ سگھندو..