نه ڪيراسان جو فيورٽ آھي ۽ نه ئي وري ڪنهن جي خلاف آهيون: چيف اليڪشن ڪمشنر

0
268
چيف اليڪشن ڪمشنر سان مسلسل بدتميزي: درخواستگذار کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو ويو
چيف اليڪشن ڪمشنر سان مسلسل بدتميزي: درخواستگذار کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آھي چيو ته نه ڪيراسان جو فيورٽ آھي ۽ نه ئي وري ڪنهن جي خلاف آهيون، پنجاب حڪومت کي چئي ڇڏيو آهي ته هاڻي قانون تبديل ڪيو ته اڳوڻي بلدياتي قانون  تحت ئي چونڊون ڪرائينداسين

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا اسلام آباد ۾ ووٽر جي قومي ڏينهن جي عنوان هيٺ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ڪڏهن به مخالفت ناهي ڪئي، جلد بازيءَ ۾ سڄي اليڪشن تڪراري نٿا بڻائي سگهون

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلمطان راجا موجب هڪ ڀيرو ٻيهر تڪبندين بابت سوچيو پيو وڃي، جيڪڏهن وقت نه ڏنو ويو ته ٻيهر مڪاني چونڊون ڪرائڻ ڏکيو ٿي پوندو، ملڪ ۾ سڀ کان اهم مڪاني چونڊون آهن، بلوچستان ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو 11 ڊسمبر کان شروع ٿيندو

ھي به پڙھندا

”اسمبلي نه ٽوڙيو، صلاح مشوري سان نئون سيٽ اپ ٺاهي سگهجي ٿو“ زرداري_شجاعت ملاقات جي اندر جي ڪهاڻي