”اسمبلي نه ٽوڙيو، صلاح مشوري سان نئون سيٽ اپ ٺاهي سگهجي ٿو“ زرداري_شجاعت ملاقات جي اندر جي ڪهاڻي

0
256

Asif Zardari meets Ch Shujaat at his residence - The Frontier Post

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت وچ ۾ تازي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي

2 ڏينهن اڳ آصف علي زرداري چوڌري شجاعت حسين سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ وفاقي وزير طارق بشير چيما ۽ رخسانه بنگش به موجود هئا

ذريعن موجب ملاقات دوران اڳوڻي صدر تجويز ڏني ته پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي کي اسيمبلي ٽوڙڻ نه گهرجي، مشاورت سان نئون سيٽ اپ جوڙي سگهجي ٿو

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران آصف علي زرداري چوڌري شجاعت کي يقين ڏياريو ته نئين سيٽ اپ ۾ حمزه شهباز وڏو وزير نه هوندو

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ملاقات ۾ چوڌري شجاعت آصف علي زرداري کي پرويز الاهي سان ڳالهه ٻولهه جو يقين ڏياريو آهي