سعودي ولي عهد خلاف خاشقجي قتل ڪيس خارج

0
192
سعودي ولي عهد خلاف

واشنگٽن: آمريڪي عدالت صحافي جمال خاشقجي جي قتل ڪيس ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان خلاف داخل ڪيس رد ڪري ڇڏيو

پرڏيهي ميڊيا موجب جمال خاشقجي قتل ڪيس ۾ واشنگٽن جي فيڊرل جج آمريڪي حڪومت جو موقف قبول ڪري ورتو آهي ته سيپٽمبر ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان، جنهن کي سعودي عرب جو وزيراعظم نامزد ڪيو ويو هو، عالمي سربراهه جي حيثيت سان کيس آمريڪي عدالت مان ڇوٽ حاصل آهي

Newly released transcripts tell last, gruesome moments of columnist Jamal  Khashoggi - ABC News

جج چيو ته صحافي جمال خاشقجي جي بيواهه سعودي ولي عهد جي قتل ۾ ملوث هجڻ جي حق ۾ موثر دليل ڏنا پر کيس آمريڪي حڪومت جي موقف کي رد ڪرڻ جو اختيار ناهي

آمريڪا سان تعلق رکندڙ سعودي صحافي جمال خاشقجي کي 2018 ۾ ترڪي جي شهر استنبول ۾ سعودي قونصليٽ ۾ قتل ڪيو ويو هو