ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڀڪا ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم چورن اڻندو ڪولهي جي گهر کي کاٽ ھڻي ساڍا ٽي تولا سون، پاءُ چاندي ۽ پنج لک ڪيش کڻي فرار ٿي ويا. ڳوٺاڻي موجب چور موٽر سائيڪل تي سوار ٿي آيا ھئا، اسان گھر ڀاتي سڀ ستل ھئاسين، چور موقعي جو فائدو وٺي پيتي ۾ پيل 3 تولا سون، پاء چاندي ۽ 5 لک ڪيش رقم چوري ڪري موٽر سائيڪل تي چڙھي فرار ٿي ويا. صبح جو اٿياسين ته پيتي جا تالا ٽٽل ھئا. چورن جا پيرا ڍڪي اھڙو اطلاع پوليس کي ڏنو. آخري اطلاعن تائين چور گرفتار نه ٿي سگهيا هئا.