کپرو (ن پ ا) کپرو لڳ ڳوٺ الهڏنو جوڻيجو ۾ 30 سالن جي عرفان ولد حسن جوڻيجو گهر وارن کان ناراض ٿي گهر اندر ڦاهو کائي پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو، جنهن جي لاش کي تعلقي اسپتال کپرو آندو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو گهر وارن موجب ته ڀائرن وچ ۾ معمولي ڏي وٺ تان نوجوان ناراض ٿي ڦاهو کائي پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.