عيد جي ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ موسم ڪيئن رهندي؟؟

0
253

ڪراچي: موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته 21 جولاءِ تي خليج بنگال ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ پيدا ٿي سگهي ٿو، جنهن جا اثر 24 ۽ 25 جولاءِ تي ڪراچي ۾ وچولي بارش جي صورت ۾ ظاهر ٿي سگهن ٿا. عيد جي ڏينهن ۾ موسم جهڙالو، تيز هوائون ۽ هلڪي بوندا باندي جو امڪان آهي. ڪراچي ۾ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.