ڄام نواز علي (ن پ ا) ڄام نواز علي لڳ نئون آباد ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ پنج دري ۾ 22 سالن جي ثمينا ڌيءُ محمد اسلم شيخ زال پپن شيخ مبينا طور جيت مار دوا پي آپگهات دوا پي ڇڏي جنهن کي سندس وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪنڊياري اسپتال کڻائي ويا، جتي سرڪاري اسپتال ۾ سهولت نه هئڻ سبب نواب شاهه ريفر ڪيو ويو، جتان نازڪ حالت ۾ نواب شاهه اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ فوت ٿي وئي. اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ڄام نوازعلي اسپتال آندو جتي ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه هئڻ سبب فوتي عورت جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال ٽنڊوآدم منتقل ڪيو ويو جتان قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ليڊي ڊاڪٽر نزهت ولي ٻڌايو ته لاش جي چڪاس ڪرڻ لاءِ جزا وٺي ليبارٽري موڪليا ويندا جنهن بعد تفصيلي رپورٽ اچڻ بعد موت جو ڪارڻ معلوم ٿي سگهندو. هوڏانهن وارثن جو چوڻ آهي ته گهر ۾ اهڙو ڪو مسئلو نه ناري پنهنجي مڙس سان رات به پنهنجي عزيزن وٽ وئي هئي، خبر ناهي هن زهر پي ڇو آپگهات ڪيو. هوڏانهن پوليس جو چوڻ هو ته وارثن جو چوڻ آهي ته عورت فجر مهل آپگهات ڪيو پر اسان کي ٿاڻي تي ڏينهن جو 11 وڳي اطلاع ڏنو انهيءَ ڪري چڪاس لاءِ ليٽر جاري ڪيو آهي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ حقيقت جي خبر پئجي سگهندي.