ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي علائقي محمد ھاليپوٽو ڳوٺ ۾ 35 ورھين جي پورھيت ڀارو مل ڪولھي گھرو پريشانين کان تنگ ٿي جيت مار دوا پي آپگھات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وارثن پاران ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال آندو ويو جتي سندس علاج ھلندڙ آھي سندس حالت نازڪ ٻڌائي پئي وئي رابطو ڪرڻ تي تعلقي ٿاڻي جي اي ايس آءِ محمد يوسف ٻڌايو ته سندس وارثن جو چوڻ ھو ته ڪافي ڏينهن کان گھرو پريشانين سبب پريشان رھندو ھو.