نفيس نگر (ن پ ا) نئون ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ قائم ٿيل نفيس نگر پوليس پاران ٻه ڏينهن اڳ ٻڪرين جي ڌنار راڄو گرگيز کي گرفتار ڪري مٿس تشدد ڪرڻ کانپوءِ کيس آزاد ڪرڻ ۽ وارثن پاران پوليس انچارج جي ڏاڍاين خلاف ايم پي اي مير طارق ٽالپر اڳيان احتجاج ڪرڻ بعد ايم پي اي مير طارق ٽالپر معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي جهڏو سڄاڻ سنگهه سان رابطو ڪري معاملي جي شفاف انڪوائري ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. ان حوالي سان ڊي ايس پي جهڏو سان بار بار رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن ڪال اٽينڊ نه ڪئي. ٻئي طرف راڄو گرگيز ٻڌايو ته ڪجهه مهينا اڳ ٻڪريون چارڻ دوران منهنجي ٻڪرين جي ولر ۾ هڪ ننڍڙي ڇيلي شامل ٿئي هئي جيڪا اقبال پنجابي چيو ته اها ڇيلي منهنجي آهي پوءِ مون انهي حوالي ڪئي هئي مون کي بلاجواز پوليس گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ۽ روڪ 20 هزار وٺي ڇڏيو ويو هن چيو ته اگر مون کي انصاف نه مليو ته عدالت ۾ پيٽيشن داخل ڪرائيندس.