گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ريلوي اسٽيشن ڀرسان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن هٿان قتل ٿيل نوجوان سرفراز پٺاڻ جو سندس ڀاءُ فرحان پٺاڻ جي فرياد تي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو ته ڀاءٌ سرفراز پٺاڻ ڳوٺ پڪي کوهي جي ناري جميلا ڪلهوڙو ڌيءُ ممتاز ڪلهوڙو سان نڪاح ڪيو هو، دودو، دلروز عرف درويش ڪلهوڙو ممتاز ڪلهوڙو کان ناري جو رشتو گهريو هو، انڪار تي جوابدار دودو,دلروز عرف درويش ڪلهوڙو۽ ٻيا منهنجي ڀاءٌ کي ڌمڪيون ڏيندا هئا.هن چيو ته جوابدار دودو، دلروز عرف درويش ڪلهوڙو گوليون هڻي منهنجي ڀاءُ سرفراز پٺاڻ کي قتل ڪيو.هوڏانهن پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سرفراز پٺاڻ جو قتل ڪيس داخل دودو، دلروز عرف درويش ڪلهوڙو سميت هڪ نامعلوم تي داخل ڪيو آهي، جوابدار گهر خالي ڪري ويا آهن. هوڏانهن ايس ايس پي خيرپور بدامني جو نوٽيس وٺي ايس ايچ او امير علي چانگ کي بدلي ڪري ايس ايڇ او پيرڳوٺ مقري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته گمبٽ ۾ نئون ايس ايڇ او سڪندر علي سومرو کي مقري ڪيو ويو آهي.