ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ميرپورخاص جي رهواسي بار ڪائونسل جي ميمبر سلامت لاکو ۽ آصف زرداري جي ويجهي ساٿي غلام قادر مري ۾ هلندڙ تڪرار جو نبيرو نه ٿي سگهيو آهي. سلامت لاکي جي ڀاء امانت لاکي سميت 4 ڄڻن تي ٽنڊوالهيار ۾ رئيس غلام قادر مري جي ڏوهٽي دريا خان مري جي اغوا جي ڪو شش واري ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، جڏهن ته ٻين امڪاني ڪيسن کان بچڻ لاءِ هڪ ٻي درخواست ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سلامت لاکي کي اسٽي آرڊر پڻ جاري ڪيا آهن، جنهن جي تحت هن مٿان ڪيس داخل نه ٿي سگهندا. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي سلامت لاکي ٽنڊوالهيار جي سياست ۾ غلام قادر مري جي سامهون اچڻ جو اعلان ڪندي چيو ته منهنجي منهنجي دوستن ۽ ڀائرن مٿان هاڻ ڪوڙا ڪيس داخل نه ٿي سگهندا جنهن لاءِ مون عدالت سڳوري کان اسٽي آرڊر وٺي ڇڏيو آهي ۽ منهنجي ڀاء سميت 4 ڄڻن مٿان ونگارو ايس ايچ او جي هٿان داخل ڪرايل ڪوڙي ڪيس ۾ به هاءِ ڪورٽ ضامن منظور ڪيو آهي هن چيو ته هاڻ آئون ٽنڊوالهيار ۾ کلي عام سياست ڪري سگهان ٿو جيڪو منهنجو حق آهي تمام جلد عوام جي خدمت لاءِ ٽنڊوالهيار ۾ هڪ آفس قائم ڪندس