اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي ضمانت، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي علاج لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي درخواست خلاف وفاق جي اپيل ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هٽايل جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي اپيل تي ڌار ڌار ٻڌڻي اڄ ٿيندي، ان کان علاوه آمريڪي صحافي ڊينئل پرل جي قتل ۾ قيد ڪاٽيندڙ جوابدار احمد عمر شيخ کي ڪراچي کان لاهور منتقل ڪرڻ واري فيصلي خلاف اپيل جي ٻڌڻي پڻ اڄ ٿيندي.