بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور ويجهو گبلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪچو کاهي ۾ شادي رات ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيل ڪنوار مسمات صغيران ڌيءُ امام بخش بنگوار جي قتل ڪيس ۾ گهربل مک جوابدار موتي پٽ بوهڙ بنگوار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، گبلو پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار موتي بنگوار کي سُڍر بنگلو ويجهو ڪارروائي ڪري گرفتار ڪيو آهي، پوليس موجب 6 ڏينهن اڳ جوابدارن شادي رات ڪنوار مسمات صغيران کي مبينا ڪارنهن تهمت هڻي قتل ڪرڻ بعد لاش کي گم ڪري ڇڏيو هو، ٻي طرف مقتولا جي چاچي گامڻ بنگوار ٻڌايو ته 6 ڏينهن گذري ويا آهن پر پوليس هن وقت تائين نياڻي جو لاش هٿ نه ڪري سگهي آهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي لاش ڳولي انصاف ڪيو وڃي.