تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ معصوم شاهه ۾ زمين جي پئسن جي ڏيتي ليتي تان لولائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل اڌڙوٽ شخص پيروز لولائي لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ علاج دوران زخمن جا سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو آهي، مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد سندس پٽ عثمان لولائي جي حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان مقتول جي عثمان لولائي ٻڌايو ته 4 ڏينهن اڳ پئسن جي ڏيتي ليتي تان برادري جي ماڻهن سان جھيڙي ٿيو هو، جنهن ۾ ڌڪ لڳڻ سبب اسان جو همراهه زخمي ٿيو، جنهن اڄ دم ڏئي ڇڏيو آهي، هن چيو ته والد کي قتل ڪندڙ جوابدارن تي ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي، ٻي طرف پوليس ٻڌايو ته جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن، متاثر ڌر ايندي ته ڪيس داخل ڪنداسين.