ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلو ٽارچر سيل ۾ ٻن نوجوانن کي ناحق قيد رکڻ وارو مامرو، ٻنھي واڙيل نوجوانن جي وارثن طرفان ڌار ڌار عدالت ۾ درخواستون داخل ڪرايون ويون آھن، نوجوان نديم ميراڻي جي والد مومن ميراڻي ۽ خليل ڀٽي جي ڀاءُ لطيف ڀٽي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آھي، نديم ميراڻي جي والد درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ايس ايچ او خالد ميمڻ 17 اپريل تي کنڀي گم ڪيو، آزادي لاءِ 4 لک رشوت گهري نه ڏيڻ تي ھاف فراءِ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ ٽارچر سيل ۾ رکي بدترين تشدد ڪيو ويو، اھڙي درخواست تي عدالت نديم ميراڻي جو علاج ۽ ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو .نوجوان خليل ڀٽي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آھر ته پوليس ڀاءُ کي گرفتار ڪري 2 لک گھريا نه ڏيڻ تي ٽارچر سيل ۾ رکي تشدد ڪيو،عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيئي ڌرين کي 10 جون تي طلب ڪري ورتو آھي.