نظام لاءِ ڪو خطرو پيدا نه ڪجي

0
188
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ملڪ ۾ سياسي جهيڙو جاري آهي،پري پري تائين سياسي استحڪام جو امڪان نظر نه ٿو اچي.مخالف ڌر جي دعويٰ آهي ته نئين اليڪشن کان سواءِ ملڪ ۾ استحڪام پيدا ٿيڻ جي ڪا ضمانت ناهي جڏهن ته حڪمران ڌر چئي ٿي ته ملڪي حالتون اهڙيون ناهن جو نيون چونڊون ڪرائي سگهجن ان لاءِ اتحادي حڪومت کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ گهرجي جيڪا آئيني گهرج به آهي.جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جزوي طور ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ڪنهن حد تائين درست به آهن ٻن صوبن ۾ حڪمران بڻيل ۽ وفاق ۾ مخالف ڌر جي پارٽي جي سهڪار کانسواءِ نظام هلي نه ٿو سگهي جڏهن ته ملڪ جون معاشي حالتون اها اجازت ئي نه ٿيون ڏين ته وقت کان اڳ نئين چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي ۽ ملڪي معاملا نگران حڪومت جي حوالي ڪيا وڃن جنهن سان معيشت وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خطرو ٿي سگهي ٿو ۽ ان جي بهتري جو به شايد پوءِ ڪو امڪان نه رهي. تنهن ڪري هاڻي سياسي ڌرين جو ئي امتحان آهي ته اهي پنهنجا پنهنجا سياسي مفاد پاسي تي رکي ملڪ جي بهتري لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪن ٿيون يا ان کي پنهنجي سياسي انا جي ور چاڙهي نظام لاءِ ئي ڪو خطرو پيدا ٿيون ڪن.

بي اعتمادي جي رٿ ذريعي هٽايل اڳوڻو وزيراعظم عمران خان پنهنجي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ لڳاتار نئين چونڊن لاءِ حڪومت ۽اسٽيبلشمينٽ تي دٻاءَ وجهڻ لاءِ پنهنجي عوامي رابظا مهم جاري رکيو پيو اچي ۽ هن جي عوامي رابطا مهم جو مرڪز ڪي پي ۽ پنجاب رهيا آهن جتي سندس ۽ اتحادين جي حڪومت آهي.ٻنهي صوبن جي وڏن شهرن ۾  عوامي جلسا ۽ پشاور مان لانگ مارچ ڪرڻ کانپوءِ هن هڪ ٻيو لانگ مارچ لاهور مان شروع ڪيو جيڪو وزيرآباد ۾ مٿس ٿيل حملي کانپوءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو ويو،جنهن کانپوءِ انهي شهر مان ٻيهر مارچ شروع ڪري وري 26 نومبر تي راولپنڊي ۾ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو ويو جيڪو جلسو ٻه ڏينهن اڳ ٿي گذريو، جنهن ۾ عمران خان اعلان ڪيو  ته اسان هن ڪرپٽ نظام جو وڌيڪ حصو نه ٿا رهي سگهون تنهن ڪري اسيمبلين مان ٻاهر اچڻ جو اعلان ڪيون ٿا. توڙي جو اهو اعلان غير متوقع نه هو پر اوچتو  ضرور هو،ڇاڪاڻ ته هر ڪو سمجهي پيو ته ٻن صوبن ۾ حڪومتون هجڻ ڪري شايد عمران خان اهڙي اعلان کان پاسو ڪري پر نئين چونڊن لاءِ هر قسم جي عوامي مهم ذريعي دٻاءُ وجهڻ ۾ ناڪامي کانپوءِ عمران خان اهڙو اعلان ڪيو آهي جيڪو حڪمرانن لاءِ بهرحال پريشانيون ضرورو پيدا ڪندو.عمران خان اهو اعلان  ڪيو ته آهي پر ڏسجي ته ان تي عمل ڪڏهن ٿو ٿئي يا حڪمران انهي اعلان جي دٻاءُ ۾ اچي پي ٽي آءِ جو مطالبو مڃين ٿا يا انهي کي ڳالهين ۾ انگيج ڪري وقت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا. انهي سان گڏ انهي اعلان تي عمل ڪرڻ لاءِ عمران کي پنهنجي پارٽي جي ماڻهن ۽ اتحادين کي به اعتماد ۾ وٺڻو پوندو ۽ اهو عمل ڪڏهن ٿو شروع ٿئي اهو به وقت وٺندو، جڏهن ته وفاقي حڪومت اڳ ئي اعلان ڪري چڪي آهي ته جيڪڏهن اهڙي ڪا موو ٿي ته ٻنهي صوبن ۾ بي اعتمادي جي رٿ جو آپشن موجود آهي جنهن سان اسيمبلين کي ٽوڙڻ واري اعلان تي عمل نه ٿي سگهندو. بهرحال ڇا به ٿئي پر ان سان هڪ ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي ته جيڪڏهن سياسي ڌريون ڳالهين جي ميز تي نه ويٺيون ته سياسي عدم استحڪام نه رڳو موجود رهندو پر ان جي وڌڻ جا به  امڪان آهن.

اسان سمجهون ٿا ته سياسي ڌرين جي ٿوري به اٻهرائپ هن نظام لاءِ خطروپيدا ڪري سگهي ٿي ۽ هن  نظام کي مفلوج ڪري سگهي ٿي، جنهن سان ملڪي معيشت لاءِ وڌيڪ ڏکيايون پيدا ٿينديون. تنهن ڪري سياسي ڌرين کي پنهنجي پنهنجي سياسي انا مان هٿ ڪڍي عوام جي ڀلي لاءِ ڪو اهڙو فيصلو ڪرڻ گهرجي جنهن سان هن نظام لاءِ ڪو خطرو پيدا نه ٿئي، ڇا به هجي نظام جو تسلسل ئي سڀني خرابين کي ختم ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو ۽ اهوئي واحد رستو آهي جنهن سان ملڪ کي سياسي توڙي معاشي طور اڳتي وٺي وڃي سگهجي ٿو .