ايڪتا ڏھاڙو: سنڌ جي مختلف شھرن ۾ کٽ ڪچھرين، راڳ رنگ جي محفلن ۽ ٻين تقريبن جو سلسلو تيز

0
286

ڪراچي: ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي سنڌ سان درد جو رشتو سِري هيٺ ايڪتا تقريبن جون تياريون جاري آھن، ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ مختلف شهرن ۾ کٽ ڪچهرين، راڳ رنگ جي محفل ۽ ٻين تقريبن جو سلسلو تيز ٿي ويو

سنڌڙي ۾ ٻوڏ متاثر يوسي سرهل ۾ متاثرن سان ڪچهري ٿي، سندن حوصلن کي ڀرپور داد، گمبٽ ويجهو ڳوٺ ڄامڙا ۾ به کَٽ ڪچهري ڪوٺائي وئي

ثقافتي کاڌن سان شهرين جي مهمان نوازي، ڪنري ويجهو ٻوڏ متاثر ڳوٺ گينو ڪولهي ۾ ايڪتا پروگرام ڪيو ويو، عورتن ۽ ٻارڙن پاران شرڪت ڪئي وئي قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو

شاهپور چاڪر ۾ قومي عوامي تحريڪ طرفان ايڪتا ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ريلي، ٻارڙن جو وڏو انگ شريڪ، قومي گيتن تي جمهريون، 4 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار سان گڏ ملهائڻ جو وچن