نصيرآباد (ن پ ا )ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج قمبر شهدادڪوٽ زاھد حسين ميتلو نصيرآباد ۾ لڳل ٽينٽ سٽي جو جائزو ورتو،سيشن جج ان موقعي تي موجود ڊاڪٽرن کان علاج معالجي جا تفصيل معلوم ڪيا ۽ کين ھدايت ڪئي ته ھر مريض کي دوا ڏيڻ سميت ڳورھارين عورتن جي خوراڪ ۽ گھربل دوائن جو خيال رکيو وڃي، جيڪڏهن ڪنھن به ذميوار آفيسر ڪوتاھي ڪئي ته کيس بخش نه ڪبو، ھن ھدايت ڪئي راشن سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ ورھايو.