ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڳاپيل ادارن کي گلبهار ڪالوني جي پيتل گهٽي مان فوري طور تي حددخليون ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کي سمورا گهربل قدم کڻي هڪ مهيني ۾ رپورٽ پيش  ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي،  ڪالهه شهري ذاڪر  جي درخواست جي ٻڌڻي  دوران ڪي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عدالت کي ٻڌايو ته حددخلين جي خاتمي لاءِ ڪوشش ڪئي پر امن امان جو مسئلو پيدا ڪيو ويو اسان جي هٿوڙن، مشينن ۽ ٻئي سامان تي قبضو ڪيو ويو. ان موقعي تي سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جيستائين رينجرز ۽ پوليس جي مدد نه ملندي، حددخلين جو خاتمو ممڪن ناهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو هو ته حددخلين سبب پيتل گهٽي سوڙهي ٿي وئي آهي، اتان جنازو کڻڻ ڏکيو  ٿي ويو آهي.