ڊکڻ (ن پ ا) غلام شاھ ٿاڻي جي حد رتوديرو جيڪب آباد انڊس هاءِ وي جنت شاخ اسٽاپ وٽان هٿياربندن ڳوٺاڻي اياز جکراڻي کان ڦر جي ڪوشش ڪئي، ڳوٺ من دوست جکراڻي جي رهواسين نور حسن جکراڻي، گلاب جکراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو.ڳوٺاڻن چيو ته غلام شاھ ٿاڻي جي حد ۾ ڦرون ۽ چوريون روز جو معمول بڻيل آهن، پوليس بدامني کي ٻنجو ناهي ڏئي سگهي، امن بحال ڪرايو وڃي.ايس ايڇ او نبي شاھ وڳڻ مظاهرين کي خاطري ڪرائي روڊ کولائي ڇڏيو.