سکر(بيورو رپورٽ) قومي شاهراهه تي خيما هڻي عارضي طور ترسايل ٻوڏ متاثرن کي روڊ حادثن کان بچائڻ لاءِ ايس پي موٽر وي سکر زاھد نذير ورياھ جي نگرانيءَ ۾ مهم شروع ڪئي وئي. ترجمان موٽروي پوليس سکر سرفراز خان مطابق قومي شاهراهه ڀرسان وڏي انگ عارضي طور ويٺل برسات متاثر  امدادي سامان حاصل ڪرڻ لاءِ گاڏين پٺيان ڊوڙندا رهن ٿا، نتيجي ۾ خطرناڪ روڊ حادثا پيش اچي سگهن ٿا. برسات متاثرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو خيما قومي شاهراهه تان هٽائي محفوظ هنڌ تي هڻن ته جيئن سندن حياتيون بچي سگهجن.