8 ڏينھن جي بيمار معصوم ٻارڙي لاءِ به دوا نٿي ملي

0
231
مالڪيءَ کان وانجھيل ايف پي بند وارا ٻوڏ متاثر

  سپريو بند ڀرپاسي ٻوڏ سبب نصيرآباد انڊس ھاءِ وي تي کٽن کي خيمو بڻائي پناھه وٺندڙ سردار لاشاري کي 9 مھينن جي پيٽ واري گهرواريءَ سان گڏ گھر ڇڏڻو پيو. 5 ڪلاڪ پنھنجي مدد پاڻ تحت اڙانگو سفر ڪرڻ بعد سر بچائي ھوءَ جيئن ئي نصيرآباد پهتا ته ھن سندس گهر واريءَ انتھائي ڏکي حالت ۾ ٻارڙي کي جنم ڏنو، ھي سٽون لکڻ تائين ان ٻارڙي ۽ سندس ماءُ کي اٺون ڏينھن آھي ته ھو سخت بيمار پيل آھن.

                 نصيرآباد ھاءِ اسڪول ٻاھران روڊ پاسي کٽن سان ٺھيل اجھي ۾ پٺن اگھاڙو سردار لاشاري روئڻھارڪي لھجي ۾ ٻڌائي ٿو ته پنھنجو سڀ ڪجھه ڇڏي زندگي بچائي ھتي پھتا آھيون پر 10 ڏينھن گذرڻ بعد منھنجي ٻارڙي ۽ گھرواري کي علاج ناھي ڏنو ويو، ھنن ٻنھي جي حياتي خطري ۾ آهي، سرڪاري اسپتال وڃون ٿا ته ٻه گوريون ڏئي واپس موڪليو وڃي ٿو، گوريون کائڻ سان به گھرواري جي طبيعت ٺيڪ ناھي ٿي، اٺن ڏينھن جي ننڍڙي معصوم جي به طبيعت ويتر خراب ٿيندي پئي وڃي.

                 گاجي کھاوڙ سوڌو سوين ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچڻ بعد نصيرآباد مان گذرندڙ انڊس ھاءِ وي، ڪاليج، اسڪولن سميت خالي پٽن تي وڏي انگ ۾ ٻوڏ متاثر پنھنجي مدد پاڻ تحت جھوپڙيون ٺاھي ويٺا آهن. انھن ۾ اڪثريت عورتن جي آھي. جڏھن کانئن پڇا ڪئي ته سرڪار پاران ڪا مدد ڪئي وئي آ، ڪا دوا يا ٽڪي ڦوٽو، کائڻ لاءِ بسڪيٽ ئي صحي مليا آهن؟ انھن سڀني جو ساڳيو ئي جواب ھو، بي وسي، لاچاري ۽ ڪروڌ مان سڀني اھو چيو ته ابا ڪا شيءَ ناھي ملي، روز ھن روڊ تان راشن جون گاڏيون گذرن ٿيون خبر ناهي اھي ڪنھن کي ڏين ٿا..!

جڏھن مون پڇا ڪئي ته تازو مڪاني چونڊن ۾ جن کي ووٽ ڏنا ڀلا انھن ته ڪا سار لڌي ھوندي..؟ منھنجو سوال اڃا پورو ئي نه ٿيو ته انھن انتھائي ڪاوڙ مان چيو ته ھر ڀيري چانڊيا ۽ مگسي سردارن کي ووٽ ڏنو پر ھاڻ خبر پئي ته اسان ڀلي مري وڃون انھن کي ڪو فرق نه پوندو…! اسان جي ھر شيءَ برباد ٿي وئي رڳو سر بچائي روڊن تي ويٺل آھيون پر اڃا تائين اھي سردار ته پري جي ڳالھه پر انھن جو ڪو به ماڻھو اسان کان سکڻو حوال ئي پڇڻ ناھي آيو…!

مون کانئن پڇيو ته پوءِ ڪيئن ايترا ڏينھن گذريا آھن؟ چيائون ته نصيرآباد شھر جا ڪجھه ماڻھو اچن ٿا جيڪي اسان کي راشن ۽ ڪجھه دوائون به ڏئي ويا آھن پر اھي ڪافي ناھن.

گذريل ڪيترن ئي ڏينھن کان لاڙڪاڻي، قمبر، شھدادڪوٽ، وارھه، نصيرآباد ۽ گاجي کهاوڙ سميت ٻڏل ڳوٺن ۽ ٻوڏ متاثرن ڏانھن اسٽورين جي سلسلي ۾ کوڙ چڪر لڳا آهن. مڙني ڳوٺن جي تباهه حال صورتحال، فصل ٻڏل، ۽ مرجھايل چھرن جي تصوير ساڳي ئي نظر آئي. سڀني جي دانھن به ساڳي ئي ٻڌڻ ۾ ملي….! اھي مرجھايل چھرا ۽ سندن دانھن ڪو ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وارو ناھي. ٻوڏ متاثرن جي اڪثريت مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي  رهي آهي. ڪجھه سياسي سماجي تنظيمن سميت ٻين ماڻھن طرفان وس آهر طبي ڪيمپون لڳائڻ بعد به بيمار ٻوڏ متاثرن جو انگ وڌندو پيو وڃي. ٻئي پاسي سندن بچيل ڍور چوپايو مال به وڏي پئماني تي مري رھيو آھي.

صحت کاتي جي خاص سيڪريٽري مرزا ناصر الدين مشعود احمد موجب ايندڙ ڏينھن ۾ پاڻي سبب پکجندڙ ۽ پيدا ٿيندڙ بيمارين مليريا ۽ ڊينگي مرض ۾ وڏي پئماني تي واڌ ايندي. ٻوڏ سبب موجود صحت جون سھولتون گھڻو متاثر ٿيون آهن.

سنڌ جا ڪيترائي علائقا اڃا تائين ٻڏي رھيا آھن. ٻئي پاسي وڏو وزير چوي ٿو ته پاڻي نيڪالي ۾ 6 مھينن تائين جو عرصو لڳي سگھي ٿو. مشعود احمد به ساڳي ڳالھه ڪري ٿو ته پاڻي سڪڻ ۾ 3 کان 4 مھينا لڳي سگھن ٿا پوءِ ئي باقاعدي طور صحت جون سهولتون بحال ٿي سگھن ٿيون.

اندازو لڳائجي ته جيڪڏھن پاڻي 3 کان 6 مھينا بيٺل رھيو ته پوءِ ڪيتريون وڏي پيماني تي بيماريون پکڙبيون؟ صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او خبردار ڪيو آهي ته اھڙي صورتحال ۾( ٻوڏ متاثرن جي رھائشي ڪيمپس ۾ جتي پاڻي ۽ نيڪال واريون سھولتون نه آهن آهن اتي )تمام گھڻيون بيماريون پکڙبيون؛ ڊائريا، ڊينگي بخار، مليريا، پوليو ۽ ڪووڊ-19 پکڙجي رھيا آھن.

ٻوڏ متاثرن جي اڪثريت عورتن ۽ ٻارڙن جي آھي جيڪي مختلف بيمارين جي ور چڙھيل آھن. گڏيل قومن جي اداري موجب پاڪستان اندر ساڍا 6 لک ڳورھاريون عورتون آھن جيڪي ھن ٻوڏ سبب بي گھر ٿيون آهن. سنڌ جي سرڪاري انگ اکرن مطابق سنڌ اندر اھڙين عورتن جو تعداد 47 ھزار آھي.

ھڪ ٻن طبي ڪيمپن ۾ وڃڻ ٿيو، اتي ويٺل ڊاڪٽر کان پڇا ڪئي، ھن ٻڌايو اڪثريت عورتن ۽ ٻارڙن جي آھي، جيڪي گيسٽرو، مليريا، ڊينگي، چمڙيءَ ۽ ڊائريا سميت ٻين بيمارين ۾ مبتلا آھن. نصيرآباد ۾ ٻوڏ متاثرن جي وت ۽ وس آھر واھر ڪندڙ سياسي سماجي ڪارڪن به اھا ساڳي صورتحال ٻڌائن ٿا: ماڻھو انتھائي ڏکي وقت کي منھن ڏئي رھيا آھن، بک، بيمارين سبب ماڻھو ھڪ ماني ۽ ھڪ گوري لاءِ ترسي رھيا آھن. متاثرن جو تعداد وڏو آھي، سرڪار کي ڪا پرواھه ناھي، ٽرڪون ڀرجي اچن ٿيون پر اھي صرف وڏيرن جي اوطاقن ۽ گدامن ۾ لھن ٿيون. ايڪڙ ٻيڪڙ متاثرن کي ٻن ڏينھن جو راشن ملي ٿو، ايئن سمجھجي ته 99 سيڪڙو متاثر سرڪاري امداد محروم بڻيل آهن.

سپريو بند ڀرسان ڳوٽ لشڪر خان واسي سردار لاشاري جي ڪٽنب سميت اھڙن گھراڻن جو وڏو انگ ملندو جيڪي بي يارو مددگار کليل آسمان ھيٺ تپيل تيز اس ھيٺ ان آسري ۾ ويٺل آهن ته ڪو دوا يا خوراڪ ڏئي ته جيئن بس بيمار ٻچڙن جو سر بچي. اهڙن متاثرن جي ڪاوڙ ۾ ھر آئي ڏينھن واڌ ايندي پئي وڃي ته چونڊيل نمائندا ھنن وٽ ڇو نه ٿا پھچن…! سردار لاشاري ۽ سندس وني پنھنجي بک ۽ بيماري کان وڌيڪ پنھنجي 8 مھينن جي ٻچڙي جي حياتيءَ لاءِ پريشان آهن، پر سرڪار اگھور ننڊ آھي، سردار سوڌو ٻين ڪيترن ئي ٻوڏ متاثرن جا اھڙا معصوم گلن جھڙا ٻارڙا بيمار آھن، انھن جي علاج جي ذميواري ڪنھن تي آھي؟ جوابده سرڪار پاڻ آھي پر اھا پاڻ کي آجو ٿي سمجھي….!