نرس کي اي ڊي ايڇ او بڻائڻ وارو نوٽيفڪيشن واپس

0
277

ڪشمور: صحت کاتي پاران تعلقي اسپتال ڪنڌڪوٽ جي 16هين گريڊ جي نرس کي اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر طور ترقي ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو آهي. واضع رهي ته نرس آسيه خاتون کي گذريل ڏينهن انتظامي عهدي اي ڊي ايڇ او جي عهدي تي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو، پر سوشل ميڊيا ۾ شديد تنقيد ٿيڻ کانپوءِ صحت کاتي جي اختيارين اڄ اهو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو.