سنڌ ۾ ٻارھين ڪلاس جا امتحان 26 جولاءِ 2021 کان ورتا ويندا.

0
594

ڪراچي: سنڌ جي صوبائي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي فيصلن ۽ ڪورونا صورتحال سبب ڪاليج ايجوڪيشن کاتي پاران ٻارھين ڪلاس جي امتحانن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ ٻارھين ڪلاس جا امتحان 26 جولاءِ 2021 کان ورتا ويندا، جڏهن ته يارھين ڪلاس جا امتحان انٽر جي اسيسمينٽ بعد ورتا ويندا. انٽر جا امتحان صرف اليڪٽو مضمونن جا ٿيندا. جيڪي 60 سيڪڙو نصاب مان ورتا ويندا. پيپر 50 سيڪڙو ايم سي ڪيوز، 30 ننڍن ۽ 20 سيڪڙو ڊگھن سوالن تي مشتمل ھوندو. پيپر جو وقت ٻه ڪلاڪ مقرر، پريڪٽيڪل نه ورتا ويندا. ڪاليجي اسٽاف کي امتحان جي ڊيوٽي لازمي قرار ۽ امتحاني عملي جي ويڪسين ضرور ڪرائڻي پوندي.