جيڪب آباد پوليس جو به ٽارچر سيل هئڻ جو انڪشاف

0
247

جيڪب آباد: سول لائن پوليس ٻه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل نوجوان وحيد علي ميرجت کي فٽبال گرائونڊ لڳ پنهنجي خانگي ٽارچر سيل ۾ قيد ڪري ڇڏيو، گرفتار نوجوان جا وارث ۽ ميڊيا پهچڻ تي پوليس نوجوان کي ٽارچر سيل کان ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو. وارثن جو چوڻ هو ته اسان جي نوجوان سول لائن ٿاڻي جي حد ۾ هلندڙ فحاشي جي اڏي خلاف ايس ايس پي کي شڪايت ڪئي هئي،فحاشي اڏو بااثر عورت جو هجڻ ڪري پوليس بنا ڪنهن ڪيس جي نوجوان کي ٻه ڏينهن گرفتار ڪري خانگي ٽارچر سيل ۾ قيد ڪري عورت خلاف شڪايت نه ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. هوڏانهن ايس ايڇ او سول لائين جو چوڻ هو ته
عورت ثناء جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيل آهي نوجوان کي اڄ ئي گرفتار ڪيو ويو، واضح رهي ته فريادڻ عورت خلاف سول لائن ٿاڻي تي اڳ به بيحيائي ۽ فحاشي ڦھلائڻ جا ڪيس داخل ٿيل آهن.