ڪراچي: اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر شمع گُلاڻي چيو آهي ته نازيه ملاح نالي اسان وٽ ڪا به ليڊي هيلٿ  ورڪر ناهي، سندس ٻن ڪزن پروين ۽ ياسمين ملاح خلاف انڪوائري ڪرائڻ تان بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ ڪريل الزام هنيا پيا وڃن، پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته نازيه ملاح جنهن آفيسر بابت چئي رهي آهي، ان جو نالو کڻڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هوءَ ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي، هن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ سپروائيزر گلناز ٽالپر وزٽ تي وئي هئي، جتي چيڪ ڪرڻ دوران نازيه جي هڪ ڪزن پروين ملاح بلڪل اڻ پڙهيل نڪتي، جنهن کي نالو به لکڻ نه پيو اچي، جنهن خلاف انڪوائري رکرائي ته هوءَ مڇرجي پئي آهي، هن جو چوڻ هو ته احتجاجي مظاهري ۾ رڳو 2 ليڊي هيلٿ ورڪرز هيون جڏهن ته باقي ٻيون ملاح برادري جون عورتون هيون جن جو هيلٿ ڊپارٽمينٽ سان ڪو به واسطو ناهي، هن ٻڌايو ته 2018 ۾ اليڪشن دوران به هنن الزام هڻي احتجاج ڪيو هو ۽ هاڻي به ڪوڙا الزام هڻي ساک کي نقصان پهچائي رهيون آهن، هن چيو ته نازيه ملاح اسان وٽ ورڪر ئي ناهي، جنهن ڪري سندس خلاف تمام جلد قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.