شهدادپور: معاملي جو ڊي جي هيلٿ نوٽيس  ورتو، ڊي ايچ او کي انڪوائري ڪرڻ جو حڪم، اي ڊي سي، سپروائيزر، ليڊي هيلٿ ورڪر ۽ ٻيا اڄ طلب، ذريعن موجب ليڊي هيلٿ ورڪر نازيه ملاح پاران مبينا طور آفيسر سان هڪ رات گذارڻ واري الزام هڻڻ واري معاملي جو ڊي جي هيلٿ نوٽيس ورتو آهي، ان ڏس ۾ ذريعن موجب ڊي جي هيلٿ ڊي ايچ او سانگهڙ کي معاملي جي انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جنهن بعد ڊي ايچ او اڄ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر شمع گُلاڻي، سپروائيزر گلناز ٽالپر، نازيه ملاح ۽ ٻين کي طلب ڪري ورتو آهي،