بدين(رپورٽر) ڪراچي مان زيارتن تي بدين ايندڙ سوزوڪي پڪ اپ گولاڙچي  بدين روڊ تي ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پيئي جنھن جي نتيجي ۾ عورتن مردن ۽ ٻارڙن سميت 18 ماڻھو زخمي ٿي پيا جن مان ٽن ڄڻن کي نازڪ حالت  ۾ انڊس اسپتال بدين پھچايو ويو، ذريعن مطابق ڪراچي کان بدين درگاھ شاھ قادري تي زيارت تي ايندڙن جو تعلق ھڪ ئي خاندان سان آھي سندن گاڏي سوزڪي جو بدين کان 14 ڪلوميٽر ترائي اسٽاپ وٽ ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو جنھن جي نتيجي م 5 ٻارڙن 4 عورتن ء 8 مردن سميت 17 ماڻھون زخمي ٿي پيا جن ۾ عرس پنھور، سجاد، شير علي، رمضان، افسانا، آرزو، فرزانا ۽ ٻيا شامل آھن جن.