عمرڪوٽ (رپورٽر) بودرفارم لڳ ڳوٺ غلام رسول پڙھيار جي رھواسي پسند جي شادي لاءِ گهران نڪتل جوڙي ناري حسنا ڪولھي ۽ عبدالخالد کوسو وارو مامرو کي عدالت اڳيان پيش ڪيو ويو، ناري حسنا ڪولهي عدالت ۾ نوجوان عبدالخالد کوسو خلاف ۽ مائٽن سان گڏ رهڻ جو بيان ڏيڻ بعد کيس وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ نوجوان کي هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو. عمرڪوٽ وومين ٿاڻي جي ايس ايچ او مهناز اعواڻ ناري حسنا ڪولهي کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو. جڏهن ته گرفتار ڪيل جوابدار عبدالخالد کوسو کي به هڪ ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. پيش ڪيل ناري حسنا ڪولهي عدالت سڳوري ۾ بيان ڏيندي چيو ته مونکي عبدالخالد کوسو گهران زوري اغوا ڪري کڻي ويو هو ۽ هاڻ آئون پنهنجي مائٽن سان گڏ وڃڻ چاهيان ٿي، عدالت سڳوري ناري حسنا ڪولهي جو بيان ٻڌڻ بعد ناري حسنا ڪولهي کي سندن مرضيءَ مطابق پنهنجي مائٽن سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. جڏهن ته جوابدار عبدالخالد کوسو کي هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.