حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ شهرين کي روزگار جو آسرو ڏئي کانئن لکين رپين جو فراڊ ڪندڙ سماجي تنظيم خلاف داخل درخواست تي گهرو کاتي جي سيڪريٽري ۽ صوبائي اسسٽنٽ رجسٽرار کي نوٽيس جاري ڪندي 27 اپريل تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. لطيف آباد جي رهواسي محمود الحسن مغل پنهنجي وڪيل نديم ٽڳڙ معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي موقف اختيار ڪيو آهي ته سماجي تنظيم ڊولپمينٽ، روزگار ۽ منافعي جو ڏٽو ڏئي اٻوجهه شهرين کان لکين رپيا ورتا آهن پر اڃا تائين ڪنهن به شهري کي روزگار توڙي منافعو فراهم نه ڪيو ويو آهي. وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي ٻڌايو ته درخواست گذار کان 5 لک رپيا ڪاروبار ۾ سيڙپڪاري لاءِ وٺي کيس منافعو ڏيڻ لاءِ معاهدو ڪيو ويو پر ڪيترو ئي عرصو گذرڻ باوجود درخواست گذار کي منافعو نه ڏنو ويو آهي ۽ هاڻي کيس رقم به واپس نٿي ڪئي وڃي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ سماجي تنظيم جي چيئرمين اقبال احمد، جنرل سيڪريٽري وقار حسين ۽ ايس ايس پي سميت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي کين 27 اپريل تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.