شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور جي عدالت ڪتي ڏاڙھڻ واري ڪيس ۾ سيڪريٽري جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي. ان سلسلي ۾ ڪتي ڏاڙھڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار يونين ڪائونسل حبيب الله ڪيريو جي سيڪريٽري عبدالحفيظ ڪاڪيپوٽو ضمانت ڪرائڻ لاءِ سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، ايڊيشنل سيشن جج مسٽر عاصم جميل ميمڻ جي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل ايڊوڪيٽ عبدالمجيد هنڱورو دليل ڏنا ته جنهن علائقي ۾ ڪتي ڏاڙھڻ جو واقعو پيش آيو آهي اها سندس موڪل جي حد ناهي ۽ ڪيس ڪتي ڏاڙهڻ واري واقعي جي ٻن مهينن بعد داخل ڪئي وئي آهي جيڪا بدديانتي آهي، دليلن بعد عدالت سڳوري جوابدار جي 30 هزار عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي، سرهاري پوليس هڪ هفتو اڳ ڳوٺ گلن خان مگسي واسڻ ٻارڙي مسڪان ڌي احمد سلطان مگسي کي ڪتي ڏاڙھڻ جي الزام هيٺ يو.سي سيڪريٽري عبدالحفيظ ڪاڪيپوٽو مٿان ڪيس داخل ڪيو هو.