نئون ديرو (ن پ ا) نئين ديري ۾قتل ٿيل نوجوان شرجيل ڪٽپر جي جنازي نماز المصطفيٰ عيد گاهه ۾ ادا ڪرڻ بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. استاد محمد انور ڪٽپر ۽ محمد حسن ڪٽپر سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ڪري سگهي،مليل ڄاڻ موجب نوجوان گهر کان لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ نڪتو ته ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار هٿياربندن سندس پيڇو ڪري کيس گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا.  واقعي بابت نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه هئي ۽ نه ئي آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي به اسان جي پٽ تي ڪاوڙ هئي ته ان جو اسان کي شڪايت ڪئي وڃي ها يا ان جي دوستن کي ٻڌايو وڃي ها ته اسان ان جو ازالو ڪري پئي سگهياسين. پٽ جي خون سان انصاف ڪري قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.